ٽلٽي ڍنڍ

ٽلٽي ڍنڍ: ٽلٽي ڍنڍ هن ڍنڍ کي بخاري ڍنڍ به سڏيو ويندو آهي. جيڪو سنڌ جي امر ۽ لافاني ڪردار شهيد مخدوم بلاول جي استاد بزرگ ۽ عالم سيد نورحسن شاهه بخاريءَ جي نالي سان مشهور آهي ۽ هن بزرگ جي مزار به اتر طرف ڍنڍ جي ڪنڌيءَ تي آهي. ڍنڍ ۾ وڏي تعداد ۾ پکين جي آمد ۽ مڇيءَ جي پيداوار ٿئي ٿي. ٽلٽي شهر مان هن ڍنڍ جا ڏکڻ طرف نظارا من کي موهيندڙ آهن. منڇر مان نڪرندڙ اڙل واهه جنهن جو ڇوڙ سنڌو درياهه ۾ ٿيندو آهي، هيءَ ڍنڍ ان جي نتيجي ۾ وجود ۾ آئي ۽ هاڻي سنڌوءَ ۽ منڇر تي بچاءُ بندن ٻڌجڻ کانپوءِ ڍنڍ جو اهو عروج نه رهيو آهي، جيڪو ماضيءَ ۾ هو.


لفظ ٽلٽي ڍنڍھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو